The Biggest Sindhi Fourum

photo

Click below to open this site

Sindh Salamat

Advertisements

سُر يمن ڪلياڻ

داستان پهريون
1
تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دَردَ جي دَوا؛
جانِبَ! منهنجي جِيءَ ۾ آزَرَ جا اَنوا؛
صاحبَ! ڏي شِفا، ميان! مريضنِ کي.
2
تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دارُون کي دَردَنِ؛
تون ڏِئين، تون لاهِئين، ڏاتَرَ! کي ڏُکندَنِ؛
تڏهين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪن، جڏهين اَمرُ ڪريو اُنِ کي.
3
هَڻُ، حبيبَ! هَٿُ کڻِي، ٻَنگان لهِي ٻاڻُ؛
ماڳهِين مون مِنهُن ٿِئي، جھولِيءَ وِجھان پاڻُ؛
اِنَ پَرِساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابلو مون ٿِئي.
Read More »

سُر ڪلياڻ

داستان پهريون
ساراه هڪ ڌڻيءَ جي جڳائي، جو ٻنهي جهانن جو والي آهي ۽ جنهنجو ثاني ٻيو ڪو به نه آهي. جي سندس هيڪڙائيءَ کي مڃن ٿا، سي ڪڏهن به راه تان ٿڙن نه ٿا ۽ کين ڪوبه ڏک نه ٿو رسي. سچي ڄاڻ وارا صاحب هميشه سن ۾ ٿا گھارين ۽ سارو وقت روحاني ديس جو سير پيا ڪن. کٽڻ ۽ هارائڻ جو هنڌ هيءَ دنيا ئي آهي. هتي ئي “جنت جو جام” حاصل ڪري ٿو سگھجي. هيءَ سموري ڪثرت (گھڻائي) هيڪڙائيءَ مان پيدا ٿي آهي. هي سمورو مانڊاڻ هڪ محل آهي، جنهن کي سهسين دريون آهن. دريءَ دريءَ مان هڪ ئي دلبر جو ديدار ٿو پسجي. هو نه عاشق، نه معشوق، نه خالق، نه مخلوق. پاڻ سونهن جو سر آهي ۽ پنهنجي حسن تي پاڻ حيران آهي.
1
اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛
قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛
والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛
ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي.
2Read More »

هيءَ ڪهڙي سنڌ آهي؟؟؟؟؟؟؟ (الطاف شيخ)

 اربع 30 آڪٽوبر 2013ع

لاڙڪاڻي اچڻ کان اڳ مون سمجھيو ته ڳڙهي خُدا بخش جِتي مُلڪَ جي ٻن وزير اعظمن ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ بينظير ڀُٽو جا مقبرا آهن، ۽ ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، جِتي منهنجي رهائش جو بندوبست هو، هِڪَ ٻئي جي ويجھو هوندا. پر لاڙڪاڻي پهچڻ تي خبر پئي ته ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو 25 کن ڪلوميٽرن تي هڪ طرف آهي، ته ڳڙهي خدا بخش ايتري ئي فاصلي تي لاڙڪاڻي جي ٻئي طرف آهي. آچر ڏينهن صبح ساڻ ڪاليج جي پرنسپال محمد يوسف ڊرائيور علي انور سميت پنهنجي ڪار ۽ ڪاليج جو هڪ پروفيسر منير چانڊيو مون ڏي موڪليو ته آئون پنهنجي مرضي سان ڳڙهي خُدا بخش جو چڪر هڻي اچان.  نوجوان پروفيسر منير چانڊيو سنڌ جو مشهور شاعر ۽ اَديب پڻ آهي. سنڌي اَدبَ ۾ ناول تمام گهٽ ڇپيا آهن. منير جا ٻئي ڪِتابَ ناول آهن، جن مان هڪ ”ڪيف ڌاران ڪوءِ“۽ ٻيو ناول ”تو پڄاڻان ان کان علاوه سندس  ٽيون ڪتاب ”بري هن ڀنڀور ۾“ ڇپائي هيٺ آهي. اسان موهن جو دڙو واري پاسي کان لاڙڪاڻو باءِ پاس ذريعي لاڙڪاڻي پهتاسين، جِتان پوءِ نئون ديرو روڊ ورتوسين. لاڙڪاڻي ڇڏڻ سان دودائي نالي هِڪ ڳوٺ مان لنگهڻ ٿيو. روڊ تي ٺهيل هڪ ڇاپرا هوٽل تي ويهي ڌوڌ پَتي چانهه پيتيسين. ڀر ۾ ٻه پٺاڻ سِنڌي ڳالهائي رهيا هُئا.

Read More »

لائبريريون ويران ڇو آهن؟

لائبريريون ويران ڇو آهن؟

گل حسن لاکو/سنڌ يونيورسٽي
ڪالهوڪي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ هڪ دوست جڙيو ٻٻر سکر کان ”سکر جون ويران لائبريريون“ بابت هڪ خط لکيو هو، دوست صرف سکر جي لائبريرين بابت لکيو هو پر سنڌ جي هر شهر جي لائبريريءَ سان اهڙو ويڌن آهي، جيئن ته چيو وڃي ٿو ته لائبريريون علم جي حاصلات لاءِ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن ۽ علم جي ترقيءَ جي ڪري ئي ڪا به قوم ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندي آهي، سنڌ ۾ لائبريريون تمام گهٽ آهن پر انهن ۾ به ڪافي مسئلا درپيش آهن، جيئن عمارت جو صحيح نه هئڻ، ان ۾ سهولتن جي گهٽتائي، ڪتابن جي کوٽ ۽ عملي جو نه هئڻ وغيره، پر هڪ اهم ڳالهه ته لائبريريءَ جا استعمال ڪندڙ به تمام گهٽ آهن، ان مسئلي جا ڪافي سبب آهن، هڪ ته معاشري ۾ ماڻهن ۾ پڙهڻ جي عادت گهٽ آهي، جيئن اسان جو هڪ استاد مثال ڏيندو آهي ته، کاڌو کائڻ کان اڳ بک جو لڳڻ لازم هوندو آهي، جيڪڏهن بک نه هوندي ته کاڌو نه وڻندو آهي، ساڳي طرح جيڪڏهن اسان ۾ ڪتاب پڙهڻ جي تَڙپ هوندي ته اسان ڪتاب پڙهڻ لائبريريءَ ۾ وينداسين، اڳئين زماني ۾ جن ماڻهن کي ڪتاب پڙهڻ جي تڙپ هوندي هئي، اهي وڻن جي هيٺيان ۽ زمين تي ويهي به پڙهندا هئا، ان لاءِ ان ڳالهه جي به ضرورت آهي ته اسين پنهنجي معاشري جي ماڻهن ۾ پڙهڻ جي عادت وجهون، ان کانپوءِ لائبريريون آباد ٿي وينديون، ان لاءِ اهڙا سيمينار ۽ پروگرام به ڪرايا وڃن، جن ۾ ڪتابن جي اهميت ۽ لائبريرين جي اهميت کي واضح ڪيو وڃي، ان لاءِ والدين کي به پنهنجي ٻارن ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪرڻ گهرجي، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ استاد پڻ شاگردن ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪن، ان کان علاوه سياسي ۽ سماجي تنظيمن کي پڻ ورڪشاپ ۽ سيمينار ڪرڻ گهرجن.